حڪومت

کليل ڄاڻ انسائيڪلوپيڊيا، وڪيپيڊيا مان
ڏانهن ٽپ ڏيو رهنمائي, ڳولا

ڪنهن مملڪت جي ادارن ، منصوبن ۽ خيالن کي ظاهر ڪرڻ ۽ انجو نظام هلائڻ جي لاء حڪومت (Government) جي تشڪيل عمل ۾ آندي ويندي آهي۔ ۽ سٺي حڪومت مملڪت جي فلاح ۽ بهبود ۽ خراب حڪومت ملڪ جي تباهي ۽ بربادي جو سبب هوندي آهي۔ مملڪت جي طاقت ۽ ڪمزوري جو اندازو به ان جي حڪومت مان لڳائي سگھجي ٿو۔ دنيا ۾ ڪيترن ئي قسمن جون حڪومتون قائم آهن جيڪي عليحده عليحده طريقن سان هلن ٿيون۔ مثلاً شخصي حڪومت ، اشرافي حڪومت ، جمهوري حڪومت ، ۽ وفاقي حڪومت۔ عام طور تي هر حڪومت جي پيش نظر هيٺ ڏنل مقصد هوندا آهن۔

2۔ ملڪ کي ٻاهرين دشمنن جي حملي کان بچائڻ ۽ اندروني جھيڙا طي ڪرڻ۔

3۔ ملڪ ۾ عدل ۽ انصاف اخلاقي ۽ اجتماعي ترقي جي لاء قانون ٺاهڻ ۽ رائج ڪرڻ۔

4۔ رعايا جي تعليم ۽ ترقي ۽ معاشرتي حالت جي اصلاح جي لاء ڪوشش ۾ رهڻ وغيره وغيره

قسم[سنواريو]

حڪومت جا مختلف قسم هوندا آهن۔مختلف دورن ۾ حڪومت مختلف شڪلن ۾ ملندي آهي۔جيئن بادشاهت جيڪو پهرين سڀ کان وڌيڪ استعمال ٿيڻ وارو قسم هيو، هن کان بعد اسانجي سامهون مديني رياست جي خلافت سامهون آئي جيڪو حڪومت جو هڪ نئون انداز هيو۔هن کان بعد جمهوريت آئي جيڪا اڄ ڪلهه جي دنيا جي 9/10 حصي کان به وڌيڪ آهي هن نظام ۾ سڌوسئون عوام پنهنجا رهنما چونڊيندو آهي۔ حڪومت جو هڪ طرز آمريت به آهي جيڪو جمهوريت جو ضد آهي ۽ جنهن ۾ ڏنڊي جي زور تي حڪومت ڪئي ويندي آهي۔

Forms of government.svg

پڻ ڏسو[سنواريو]

  • ملڪ
  • ملڪي سرحدون